آذربائيجان ۽ آرمينيا ۾ انساني بنيادن تي نئين جنگبندي

باڪو : آذربائيجان ۽ آرمينيا وچ ۾ انساني بنيادن تي نئون سيز فائر معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
ان معاهدي جو اعلان ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن طرفان جاري ڪيل هڪ گڏيل بيان ذريعي ڪيو ويو.
روس ۽ فرانس جي ڪوششن سان طئي ٿيندڙ فائربندي جي نئين معاهدي تي ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات عمل به شروع ڪيو ويو آهي.
باڪو اختيارين موجب انساني بنيادن تي ڪيل جنگبندي جي ان معاهدي دوران لاشن ۽ قيدين جي ڏي وٺ به ڪئي ويندي.
مقامي ذريعن موجب جنگبندي جي اعلان کانپوءِ آچر جي صبح نگورنو ڪاراباخ واري هنڌ حالتون پرسڪون نظر آيون پر سيز فائر باوجود ٻنهي ملڪن هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي تي ڀڃڪڙين جا الزام به هنيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔