اپوزيشن تي تنقيد ۾ مصروف شبلي فراز غالب جي شعر کي پنهنجي پيءُ احمد فراز جو شعر بنائي ڇڏيو

اسلام آباد: : اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز اپوزيشن تي تنقيد ڪندي  ڪندي پان ئي تنقيد بڻجي ويو. شبلي فراز سوشل ميڊيا تي گوجرانوالا جي جلسي جي هڪ تصوير شيئر ڪندي ان سان گڏ هڪ شعر جو مصرو لکيو.

مشهور شاعر احمد فراز جي پٽ شبلي فراز اپوزيشن جي جلسي تي طنزيه مصرو لکيو پر هن غالب جي مصري کي احمد فراز جو مصرو قرار ڏئي ڇڏيو. گوجرانوالا جلسي جي تصوير لڳائيندي شبلي فراز غالب جي شعر جو اهو مصرو لکيو هو ته(جس کي بهار يه هو پهر اس کي خزان نه پوچهه(فراز))  ان سان گڏ ئي هن اهو به چيو ته هي احمد فراز جو مصرو آهي.

حقيقت ۾ اهو مرزا غالب جي غزل جو شعر آهي ۽ اهو شعر هي آهي ته(هي سبزه زار هر دروديوار غم کده، جس کي بهار يه هو پهر اس کي خزان نه پوچهه) جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان وفاقي وزير شبلي فراز تي تنقيد شروع ٿي وئي ته اهو مصرو مرزا غالب جي شعر جو آهي.

سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جي نشاندهي کان پوءِ وفاقي وزير شبلي فراز تصديق ڪندي هڪ دفعو ٻيهر مرزا غالب جو نالو لکي مصرو ٽوئٽ ڪيو. (جس کي بهار يه هو پهر اس کي خزان نه پوچهه(غالب)

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔