ڪرغستان جي صدر اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزامن تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

بشڪيڪ: وچ ايشيا جي ملڪ ڪرغستان جي صدر سورونبائي جين بي ڪوف اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزامن ۽ حڪومت مخالف مظاهرن کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي .

پرڏيهي ميڊيا موجب صدر بي ڪوف استعيفيٰ ڏيندي چيو ته هو سڪيورٽي فورسز ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ جهيڙي ۽ خونريزي کان بچڻ لاءِ پنهنجي عهدي جي قرباني ڏئي رهيو آهي.

صدر بي ڪوف چيو ته جيڪڏهن مظاهرو ڪندڙايوان صدر تائين مارچ ڪيو ته خونريزي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته فوج ۽ پوليس سرڪاري رهائش گاهه کي بچائڻ لاءِ هٿيار استعمال ڪندي جنهن جي نتيجي ۾ خونريزي وڌندي ان ڪري هو ان کان بچڻ لاءِ اهڙو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔