وفاقي سرڪار نوازشريف جي طلبي بابت لنڊن جي ٻن اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار نواز شريف جي طلبي بابت لنڊن جي ٻن اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، اسسٽنٽ اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت موقف اختيار ڪيو آهي ته نواز شريف هن وقت برطانيا ۾ آهي، تنهن ڪري برطانوي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرايا وڃن، وفاقي سرڪار طرفان نواز شريف جي طلبي اشتهار بابت ٿيندڙ خرچ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔