پاڪ فوج خلاف ڪنهن ڳالهايو ته اُن جي زبان ڇڪي ڪڍنداسين: شيخ رشيد

بهاولپور: اپوزيشن وارا ڀلي گجرانوالا ۾ جلسو ڪن، پاڪ فوج خلاف ڪنهن ڳالهايو ته اُن جي زبان ڇڪي ڪڍنداسين، وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته 31 ڊسمبر کان اڳ ٻهارو اچي ويندو، اپوزيشن جا 8 کان 15 ماڻهو ڇڏي هليا ويندا، اُن کانپوءِ ڏسون ٿا ته استيعفيٰ ڪيئن ٿا ڏين؟ موجوده حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي، پڪ آهي ته پنج سال پورا ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان ڊسمبر کي حڪومت ختم ٿيندي ڏسي رهيو آهي، آئون عمران خان کي مارچ ۾ سينيٽ چونڊن جي ٽڪيٽس ورهائيندي ڏسي رهيو آهيان، بلاول سياڻو ماڻهو آهي، پيپلز پارٽي وارا استعيفيٰ نه ڏيندا ۽ سنڌ حڪومت ختم نه ٿيندي، بهاولپور ۾ تقريب کي خطاب دوران شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري پروفيشنل ماڻهو آهي، کيس خبر آهي ته ڪڏهن جيل ۽ ڪڏهن گهر يا اسپتال وڃڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔