قومي دولت لٽڻ وارا رڳو اين آر او جي تلاش ۾ آهن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قومي دولت لٽڻ وارا رڳو اين آر او جي تلاش ۾ آهن

وزيراعظم عمران خان پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي قومي معاملات ۽ آئيني معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار وزيراعظم عمران خان کي پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۽ نئين قانون سازي تي بريفنگ ڏني .

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ادارا قوم کي پيارا آهن ، پاڪستان کي استحڪام جي رستي تي آندو آهي ، مني لانڊرز ملڪ جي معيشت کي برباد ڪيو ،اسان ان کي سنڀاريو ، قومي دولت لٽڻ وارا رڳو اين آر او جي تلاش ۾ آهن.

بابر اعواڻ جو چوڻ هو ته ادارن خلاف بيانيو ڪنهن به صورت ملڪي ۽ قومي مفاد ۾ ناهي ،عوام رياستي ادارن سان گڏ آهي ، ڀرپور دفاع ڪيو ويندو، بهتر معاشي اپائن سبب حڪومت صحيح رخ ڏانهن وڃي رهي آهي ، درست پاليسيون ۽ عوامي مفاد جي قانون سازي سان هاڪاري نتيجن جي توقع آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔