نيب اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ خلاف آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي

ڪراچي : نيب اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ خلاف آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏيندي نيب پراسيڪيوٽر چيو آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ جا تفصيل نيب هيڊڪوارٽر اُماڻيا ويا، هيڊڪوارٽر طرفان ڪجهه اعتراض لڳايا ويا آهن، جِن کي ختم ڪيو پيو وڃي، عدالت منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ 12 نومبر تائين واڌ ڪندي نيب کان هيل تائين ٿيل جاچ جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔