اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جي مهلت ملي وئي

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالت پيش ٿيڻ جي لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

احتساب عدالت لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ بابت اڳڀرائي واري رپورٽ پيش ڪئي ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار نوازشريف جي لنڊن واري رهائشگاهه تي 9 آڪٽوبر تي اشتهار لڳايا ويا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نوازشريف جي رهائشگاهه تي استقباليه عملي اشتهار وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر نوازشريف جي ماڊل ٽائون ۽ رائيونڊ جي رهائشگاهه تي به اشتهار لڳايا ويا آهن. جنهن کان پوءِ احتساب عدالت لاهور ريفرنس تي ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته گذريل هفتي احتساب عدالت لاهور جي ٻاهران نوازشريف کي اشتهار قرار ڏيڻ جا نوٽيس لڳايا ويا هئا جڏهن ته جاچ آفيسر کي پرڏيهي وزارت جي ذريعي اشتهاري قرار ڏيڻ جو نوٽيس لنڊن موڪلڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏيندي ان جي طلبي جا  اشتهار انگريزي ۽ اردو اخبارن ۾ شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔