شهباز شريف احتساب عدالت ۾ ڊراما ڪندو آهي: شهزاد اڪبر

لاهور : نواز ليگ جا ڪرتوت ظاهر ٿي رهيا آهن، وَيس مٽائڻ جا الزام وري اسان تي لڳايا پيا وڃن، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته نيب 7 ارب رُپين ڪرپشن بابت ريفرنس داخل ڪري چڪو آهي، 2015ع ۾ شگر مل جي فوت ٿيل پٽيوالي جي اڪائونٽ ۾ 425 ملين رُپيا جمع ڪرايا ويا، ڪيش لاءِ مسرور انور جي نالي تي فرنٽ اڪائونٽ کوليو ويو، جنهن کي سليمان شهباز ڊيل ڪندو هو، 6 جعلي ڪمپنيز کي ايس اي سي پي ۽ ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ نه ڪرايو ويو، ڪاري ناڻي کي نظام ۾ شامل ڪري اڇو ڪيو ويندو آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته ڇا شريف خاندان کي خبر نه هئي ته سندن اڪائونٽ ۾ پئسا ڪير جمع ڪرائيندو هو؟ شهباز شريف احتساب عدالت ۾ ڊراما ڪندو آهي، ٻڌُو آهي ته نيب جي تحويل ۾ شهباز شريف ڳُجهيون ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔