نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ميچ فڪسنگ جي آڇ ڪندڙ مبينا سٽي باز گرفتار

لاهور نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ميچ فڪسنگ جي آڇ ڪندڙ مبينا سٽي باز گرفتار ٿي ويو.
ذريعن موجب نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ رانديگر کي اپروچ ڪندڙ مبينا بڪي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس وفاقي جاچ ايجنسي گرفتار ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا بڪي جي فون جي فرانزڪ ڪئي پئي وڃي ۽ ان جو موقف آهي ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽر ان جو دوست آهي ۽ هن ڀوڳن ۾ پنهنجي دوست سان فڪسنگ جي ڳالهه ڪئي.
واضح رهي ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي رانديگر بڪي جي رابطي تي بنا دير اينٽي ڪرپشن يونٽ کي ٻڌايو هو، جنهن کانپوءِ معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي هئي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رپورٽ ڪندڙ رانديگر جو نالو راز ۾ رکيو آهي.:

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔