بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪوئٽه: هڪ ٻي اهم شخصيت ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي. بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب بلوچستان ۾ ڪورونا جا ڪيس ٻيهر وڌڻ لڳا. وڏو وزير ڄام ڪمال به وائرس جو شڪار ٿي ويو. بلوچستان  حڪومت جي ترجمان موجب ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي پر وڏو وزير صحتمند آهي هن 14 ڏينهن لاءِ پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

بلوچستان حڪومت جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته وڏي وزير ڄام ڪمال جي صحتيابي لاءِ دعا ڪن. ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب 14 ڄڻا فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 6 هزار  ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ 3 لک 20 هزار 463 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔