موجوده حڪومت مان عوام تنگ ٿي چڪو آهي، ڊسمبر تائين صورتحال تبديل ٿي ويندي: شاهد خاقان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته موجوده حڪومت مان عوام تنگ ٿي چڪو آهي، ڊسمبر تائين صورتحال تبديل ٿي ويندي.

اسان کي پٿر کائڻا پيا ته کائينداسين لاٺي چارج لاءِ به تيار آهيون. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اپوزيشن کي جلسن کان  ڪنهن روڪيو هو جو هي اجازت جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. (ن) ليگي اڳواڻ چيو ته لانگ  مارچ، جلسا ۽ ريليون حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون. ضرورت پئي ته نوازشريف به جلسن کي خطاب ڪندو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف وارا ڪيترن ئي مهينن تائين ڊي چوڪ تي غيرقانوني طريقي سان ويٺل رهيا. مان نٿو سمجهان ته جنوري تائين هي  ناڪام حڪومت هلي سگهندي. شاهد خاقان عباسي چيو ته  اسان هن سليڪٽيڊ حڪومت کي گهڻو وقت ڏنو آهي نومبر يا ڊسمبر تائين اسان پنهنجو ڪم ڏيکاري ڇڏينداسين.

هن چيو ته ان کان اڳ جو عوام هنن کي ڪڍي هنن کي پاڻ ئي سياسي طريقي سان پنهنجو رستو ٺاهڻ گهرجي. موجوده حڪومت مان تنگ ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ هو حڪومت کي وقت ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هڪ دفعو به مهانگائي جي ڳالهه ناهي ڪئي. ٽائيگر فورس مهانگائي جي خلاف ڇا ڪندي. هي معاملن کي سياسي رنگ ڏئي تباهه ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔