سورنهن آڪٽوبر جي جلسي کان پوءِ حڪومت جي تڏا ويڙهه شروع ٿي ويندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان  مريم اورنگزيب چيو آهي ته 16 آڪٽوبر جو جلسو هر حال ٿيندو حڪومت  ڀلي پنهنجي مرضي جا حربا استعمال ڪري. سورنهن آڪٽوبر جي جلسي کان پوءِ حڪومت جي تڏا ويڙهه شروع ٿي ويندي.

رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پارليامينٽ ۾ 16 آڪٽوبر جي جلسي تي بحث هلي رهيو آهي.

معيشت جي تباهه حالي ۽ بيروزگاري جي خلاف هي عوام جو رد عمل آهي. هن چيو ته موجوده حڪمران اڳ ۾ ڪنٽينر تي چڙهي هاڻ ڪنٽينر لڳائي سياست ڪري رهيا آهن پر 16 آڪٽوبر جو جلسو هر حال ۾ ٿيندو. حڪومت  جي مرضي  آهي هو ڪهڙيون به رنڊڪون بيهاري ڇڏي.

(ن) ليگي اڳواڻ چيو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي جي لاءِ عوام بيهي چڪي آهي ۽ مهانگائي جي شرح ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت وڃي چڪي آهي ۽  اهو ڀاڙي جي ترجمانن جي بيانن مان واضح ٿي چڪو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔