سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائزعيسيٰ طرفان ڪيسز جي التوا بابت درخواستن تي ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان ڪيسز جي التوا بابت درخواستن تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو ، رجسٽرار ۽ ايڊيشنل رجسٽرار کي عدالتي ڪمري ۾ طلب ڪري ورتو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سندس عدالت ۾ روزانو 4 کان 5 ڪيسز تي التوا جون درخواستون اينديون آهن، ڪاز لسٽ دير سان جاري ٿيڻ تي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ وڪيل کي اطلاع نٿو ڏئي سگهي، هي معاملو چيف جسٽس آڏو کنيو آهي، رجسٽرار ۽ ايڊيشنل رجسٽرار جو ڪم چيف جسٽس کي سهولت ڏيڻ آهي، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي عدالت ۾ ڪنهن ڪيس تي التوا نه هجڻ گهرجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رجسٽرار کي ڪيسز مئنيجمينٽ لاءِ ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ سان گڏجاڻي جي هدايت ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔