ڪراچي ۾ بجليءَ جي ورڇ کي ممبئي مان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي: چيف جسٽس گلزار احمد

اسلام آباد: ڪراچي ۾ بجليءَ جي ورڇ کي ممبئي مان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، شهر ۾ ڪنهن کي ڪيتري بجلي مهيا ڪئي ويندي، اُن جو ڪنٽرول ممبئيءَ مان سنڀاليو پيو وڃي، سپريم ڪورٽ جا ڪراچي ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي مامري ۾ ماڻهن جا ذاتي مفاد اچي ويا آهن، پاور ڊويزن پهرين هڪڙي هئي، حڪومت اُن جا 10 ٽڪرا ڪري ڇڏيا، پاور ڊويزن جو پهرين هڪڙو سيڪريٽري هو، هاڻي 25 سيڪٽري ٿيڻ باوجود اُنهن کان ڪم نه ٿي رهيو آهي، نظام کي ڪير به نه پيو ڏسي، اٽارني جنرل چيو ته آئون چئمبر ۾ بريفنگ ڏيڻ گهران ٿو، اسان کي وقت ڏنو وڃي ته سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔