ڪورونا وائرس نوٽن ۽ موبائل اسڪرين تي ڪيترا ڏينهن رهي سگهي ٿو؟

سڊني: آسٽريليا ۾ ڪيل هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪورونا وائرس ڪرنسي نوٽن ۽ موبائل فون جي اسڪرين تي 28 ڏينهن تائين ايڪٽو رهي سگهي ٿو.
آسٽريليا جي نيشنل سائنس ايجنسي سي ايس آءِ آر او جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ ڪيل تحقيق جي ابتڙ اسان جي تحقيق ۾ ڪورونا وائرس کي محدود ماحول ۾ وڌيڪ عرصي تائين حرڪت ۾ ڏٺو ويو. ڏٺو وڃي ته ڪورونا وائرس گهڻو ڪري کنگهه، نڇ ۽ ڳالهه ٻولهه دوران پکڙجندو آهي پر هن وائرس جي هوا ۾ موجود ذرات جي پکڙجڻ جون شاهديون به موجود آهن.آمريڪا جي اداري سينٽرل فار ڊيزيز ڪنٽرول موجب هي وائرس متاثر جڳهين يا سطحن کي هٿ لاهڻ سان به پکڙجي سگهي ٿو پر ان جا امڪان ڪافي گهٽ هوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔