ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 6 هزار 580 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا 385 نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن بعد تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ وڌي 3 لک 19 هزار 317 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب پنجاب ۾ ڪرونا مريضن جو انگ هڪ لک 764، سنڌ ۾ هڪ لک 40 هزار 294، خيبر پختونخواه ۾ 38 هزار 348، بلوچستان ۾ 15 هزار 525 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر موجب گلگت بلتستان ۾ هيل تائين 3 هزار 937، اسلام آباد ۾ 17 هزار 331 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 118 ڪيسز رپورٽ ٿي چڪا آهن. سڄي ملڪ ۾ هيل تائين 38 لک 84 هزار 796 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 24 ڪلاڪن دوران 26 هزار 951 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون، جڏهن ته ڪرونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿيل ماڻهن جو انگ 3 لک 4 هزار 185 آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا سبب هڪ ڏينهن اندر 10 مريض زندگيءَ جي جنگ هارائي ويا، جنهن بعد وائرس سبب فوت ٿيندڙ مانهن جو انگ 6 هزار 580 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 491 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڪرونا وائرس سبب پنجاب ۾ 2 هزار 258، سنڌ ۾ 2 هزار 555، ڪي پي ۾ هڪ هزار 264، اسلام آباد ۾ 189، بلوچستان ۾ 146، گلگت بلتستان ۾ 90 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 78 مريض زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺا………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔