فزڪس جو نوبل انعام ٽن فلڪياتي ماهرن کي ڏيڻ جو اعلان

اسٽاڪ هوم : هن سال طبعيات (فزڪس) جو نوبل انعام ٽن فلڪياتي ماهرن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اڱاري ڏينهن رائل سوئيڊش اڪيڊمي طرفان ٻڌايو ويو ته نوبل انعام جو اڌ حصو برطانوي رياضي ۽ طبعياتي ماهر راجر پينروز کي ڏنو ويندو، جڏهن ته باقي جو اڌ حصو جرمن سائنسدان رائن هارڊ گينسل ۽ آمريڪي سائنسدان اينڊريا گيز وچ ۾ ورهايو ويندو.
انهن سائنسدانن جنرل ٿيوري آف رليٽوٽي تحت بليڪ هولز جي تخليق بابت غير معمولي دريافتون ڪيون.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن طب جو نوبل انعام ٻن آمريڪي محققن هاروي آلٽر ۽ چارلس رائس سميت ان جي برطانوي ساٿي مائيڪل هائوٽن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.
اسٽاڪ هوم ۾ نوبل ڪميٽي اعلان ڪيو هو ته انهن محقنن کي اهو اعزاز هيپاٽائٽس سي وائرس جي دريافت تي ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪري هيپاٽائٽس سي جو علاج ممڪن ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔