رجب طيب اردگان جو فرانسيسي صدر جي اسلام مخالف بيان تي سخت ردعمل

انقرا : ترڪ صدر رجب طيب اردگان فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي اسلام مخالف بيان ۽ حجاب تي پابندي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
انقرا ۾ هڪ تقريب دوران رجب طيب اردگان يورپي ملڪن ۽ سياستدانن تي تنقيد پڻ ڪئي.
هن چيو ته ايمانوئل ميڪرون اسلام خلاف ڳالهائي پنهنجي حد پار ڪري رهيو آهي، اهو بيان بدتميزي کان وڌيڪ شرپسندي آهي.
سندس موجب اولهه ملڪن جون حڪومتون نسل پرستي ۽ اسلام دشمني جي سرپرستي ڪري رهيون آهن ۽ اهو عمل انهن جي پنهنجي معاشري لاءِ ڪنهن به صورت ٺيڪ ناهي.
اردگان چيو ته يورپي ملڪن جا سياستدان پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ لاءِ مسلم دشمني کي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ اسان فرانسيسي صدر کان ذميوار شخصيت جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ جي اميد رکون ٿا.
واضح رهي ته تازو فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ملڪ ۾ عورتن جي حجاب تي پابندي کي نجي شعبي ۾ لاڳو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔