ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، ”ڪورونا جي هاٽ اسپاٽ“ جو انگ 26 ٿي ويو

ڪراچي ؛ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ شهر ۾ ”ڪورونا جي هاٽ اسپاٽ“ جو انگ 26 ٿي ويو آهي.

سنڌ جي صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ هن وقت 2 هزار 162 تائين پهچي چڪو آهي، متاثرن جي گهر ڀاتين ۽ انهن سان رابطي ۾ رهندڙن جون به ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.

صحت کاتي چيو آهي ته شهر ۾ هن وقت ڪورونا جا 26 هاٽ اسپاٽ آهن، جن ۾ سينٽرل ضلعي جا 6، ملير جا 4، ڪورنگي ۽ اوڀر جا 5-5، جڏهن ته ڏکڻ ۽ اوڀر جا 2-2 علائقا شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔