سنڌ حڪومت وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي : پ پ حڪومت وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس رد ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات واري وزير ناصر شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان آءِ لينڊر ڊولپمينٽ اٿارٽي جو آرڊيننس وفاقي حڪومت طرفان اختيار اورانگهڻ آهي، اسان ان آرڊيننس کي نٿا مڃون، وفاقي حڪومت ان کي بنا دير واپس وٺي.

هن چيو ته اها زمين آئيني ۽ قانوني اعتبار سان وفاقي حڪومت جي ملڪيت ناهي، اهي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت هئا آهن ۽ رهندا، انهن جو استعمال آئين ۽ قانون موجب ٿيندو، سنڌ حڪومت کي وفاق جي فيصلي تي اعتراض آهي.

سندس چوڻ هو ته 2 سيپٽمبر جو آرڊيننس 3 آڪٽوبر تي منظر تي آيو، جيڪو بدنيتي ظاهر ڪري ٿو، سنڌ حڪومت آرڊيننس تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي، سنڌ جي زمين تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته سنڌ ڪابينا پاڪستان جي آئين جي نڪتن جي روشني ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فيصلو ڪيو آهي ته ٻيٽ صوبي جي عوام، سنڌ جي حڪومت جي ملڪيت آهي.

صوبائي حڪومت جي ترجمان موجب سنڌ ڪابينا گڏيل فيصلو ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت جو اهو صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو فيصلو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري اسان ان آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وفاقي حڪومت کان اها درخواست به ڪئي آهي ته اها هڪ آئيني حڪومت آهي، تنهن ڪري ان کي هٿ کڻڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔