نواز شريف خلاف ڪنهن ايف آءِ آر سان حڪومت يا وزيراعظم جو ڪو واسطو ناهي: شبلي فراز

اسلام آباد : سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف خلاف ڪنهن ايف آءِ آر سان حڪومت يا وزيراعظم جو ڪو واسطو ناهي ۽ اسان کي ڪو غداري سرٽيفڪيٽ نه ڏئي.

اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته اهو ڪنهن به ڪيو آهي خبر پئجي ويندي، ٿي سگهي ٿو انهن جي پنهنجن ڪيو هجي، ملڪ ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ٿيندا آهن، ڇا اهي سڀ عمران خان جي چوڻ تي ٿيندا آهن؟

هن چيو ته ڪير 3 ڀيرا وزيراعظم بڻيو آهي يا 3 هزار ڀيرا، جيڪڏهن ان ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته رعايت جو حقدار ناهي، انصاف عهدن سان ناهي ٿيندو، جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪير به ڪرپٽ ناهي ته ملڪ جي اها حالت ڇو آهي؟

سندس چوڻ هو ته اڳوڻا حڪمران ڦرلٽ ۾ رڌل رهيا ۽ انهن مال ٺاهيو، جيڪڏهن عمران خان ڪجهه ڪري ته ان تي به اهي ئي قانون لاڳو ٿيندا، اسان جي جنگ ذاتي مفادن لاءِ ملڪ جو استحصال ڪندڙن سان آهي، عمران خان کي دٻاءَ ۾ آڻڻ ڏکيو آ، ڇو ته ان جو سڀ ڪجهه پاڪستان ۾ آهي، اسان کي اپوزيشن کان ڪو مسئلو ناهي، پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون.

شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ مهانگائي کانسواءِ سموري شرح هاڪاري رهي، معاشي شرح سٺي ۽ اطمينان جوڳي آهي، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ بهتري آئي آهي، جڏهن ته ٻاهرين سيڙپڪاري به اطمينان جوڳي آهي، اسان جي خواهش آهي ته وڌ کان وڌ ٻاهريان سيڙپڪار اچن.

هن چيو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جا ذخيرا اسان جي ضرورت موجب آهن، سنڌ حڪومت ڪڻڪ رليز نه پئي ڪري، جنهن سبب اگهه وڌيڪ آهن، خيبر پختونخواهه ۾ برساتن سبب ڪڻڪ جي فصل کي نقصان پهتو، جنهن جي ڪري درآمد ڪرڻ جي ضرورت پئي، برساتن سان ڪپهه جي پيداوار به متاثر ٿي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا مان ڪاميابيءَ سان نڪري آيا آهيون پر خطرو اڃا موجود آ، ڀارت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته اسان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ آڻي، دشمن پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ نٿو چاهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔