سنڌ سرڪار پاران ٻيٽن جي معاملي تي وفاق سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي : ٻيٽن جي ترقي لاءِ وفاقي سرڪار سان سٺي نيت سان ڳالهيون ڪيون هيون، هاڻي وفاق سان ڪي به ڳالهيون نه ڪيون وينديون، سنڌ ڪابينا ڏِنگـِي ۽ ٻـُنڊاڙ ٻيٽن لاءِ آئيلينڊ اٿارٽي جي قيام واري صدارتي آرڊيننس کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، وفاقي سرڪار کان آئيلينڊ اٿارٽي جو آرڊيننس فوري طور واپس وٺڻ جو مطالبو، سنڌ ڪابينا جي هنگامي اجلاس بعد مرتصيٰ وهاب ۽ ناصر شاهه چيو آهي ته ٻيٽ صوبائي حڪومت ۽ عوام جي ملڪيت آهن، آرڊيننس ذريعي تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته وفاقي سرڪار ڪنهن به وقت ٻيٽن کي پنهنجي ملڪيت ۾ شامل ڪري سگهي ٿي، اسان چيو هو ته ٻيٽن جي ترقي لاءِ ڪوبه ڪم ڪرڻ کان اڳ اسان کي آگاهي ڏني ويندي، وفاقي حڪومت اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا آرڊيننس جاري ڪيو، هاڻي وفاق تي ڀروسو نه آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب چيو ته گورنر کي عقل گهٽ آهي، تنهن ڪري اين او سي جاري ٿيڻ جي باري ۾ بيان ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔