ڪورونا جو شڪارامريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طبيعت سڌرڻ کانپوءِ اسپتال کان ڊسچارج ٿي وائيٽ هائوس پهچي ويو

ڪراچي:ڪورونا جو شڪار امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طبيعت سڌرڻ کانپوءِ اسپتال کان ڊسچارج ٿي وائيٽ هائوس پهچي ويو، ٽرمپ طبي ماهرن جي هدايتن جي ابتڙ بيان ڏيندي چيو آهي ته ڪورونا ۾ ورتل شهري گهرن کان ٻاهر نڪرن، امريڪا وٽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي بهترين دوان موجود آهي، ويڪسين به جلد تيار ٿي ويندي. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪورونا جون علامتون ظاهر ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، صحتياب ٿيڻ تي چئن ڏينهن کانپوءِ کيس ڊسچارج ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هو هيليڪاپٽر ذريعي واپس وائيٽ هائوس پهچي ويو. امريڪي صدر هيلي ڪاپٽرن مان لهي وائيٽ هائوس پهتو، جتي هن ماسڪ لاهي عملي ۽ سڪيورٽي اهلڪارن کي سَليوٽ ڪيو. امريڪي صدر اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي بيان ۾ چيو ته چئن ڏينهن تائين اسپتال رهي کيس خبر پئي ته ڪورونا ڇا آهي، وبا کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو وڃي ۽ ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪورونا جو شڪار ٿيل شهري گهرن ۾ رهڻ بدران ٻاهر نڪرن، هنن وٽ ڪورونا کان بچاءَ جي بهترين دوا موجود آهي، وئڪسين به جلد تيار ڪي ويندي. امريڪا ۾ 2 لک 15 هزار ماڻهو ڪورونا سبب فوت ٿيڻ باوجود ٽرمپ جي اهڙي بيان تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار جوبائيڊن پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. جوبائيڊن چيو آهي ته امريڪي صدر پاڻ ڪورونا جو شڪار ٿيڻ باوجود اهڙو بيان ڏئي ننڍي سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته ٽرمپ جي بيان سان ڪورونا سبب فوت ٿيل 2 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي پونيئرن جي دل آزاري ٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔