سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان حليم عادل جي نااهلي لاءِ درخواست تي جواب جمع نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن مٿان ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان حليم عادل شيخ جي نااهلي لاءِ درخواست تي جواب جمع نه ڪرائڻ تي اليڪيشن ڪميشن مٿان ڪاوڙ جو اظهارڪيو ويو، درخواست تي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن کي ٻن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي،عبدالرحيم موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ ايم پي اي اليڪشن ڪميشن ۾ آمدني جا ذريعا نه ٻڌايا آهن، اثاثن جي تفصيلن ۾ سندس ڌيئرن عائشه حليم ۽ مريم حليم جي خرچن جو ذڪر ئي ناهي ڪيو ويو، حليم عادل شيخ جي ٻنهي ڌيئرن جا خرچ امريڪي بئنڪ ذريعي ڀريا پيا وڃن، حليم عادل شيخ مٿان نواب شاهه وارو پولٽري ڪمپليڪس به لڪائڻ جا الزام، پ پ اڳواڻ طرفان حليم عادل شيخ کي نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔