وڏي وزيرمراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو هنگامي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

ڪراچي :وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو هنگامي اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، ٻيٽن تي اٿارٽي جوڙڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس جاري ٿيڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويندو، ڪابينا اجلاس ۾ آءِ لينڊ اٿارٽيءَ جي آرڊيننس جو قانوني رُخن ۾ جائزو وٺڻ بعد اهم فيصلن جا امڪان، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ لينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف قومپرست ڪارڪن ۽ سول سوسائٽي جا مظاهرا، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، باڊهه، ڪوٽڙي، جروار ۽ ٻين شهرن ۾ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل مظاهرين طرفان آءِ لينڊ اٿارٽي نامنظور جا نعرا، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وسيلن جا مالڪ مقامي ماڻهو آهن، وفاق جي سنڌ دشمن پاليسي ۽ وسيلن تي قبضن واري سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس واپس وٺڻ ۽ ٻيٽن تي وفاقي والار ختم ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔