وزيراعظم پاران نواز شريف خلاف ڪيس تي ناپسنديدگي جو اظهار

اسلام آباد : وزيراعظم پاران نواز شريف خلاف ڪيس تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ويو، وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته وزيراعظم کي ان ايف آءِ آر جو علم نه هو، جڏهن مون کيس اهڙي آگاهي ڏني ته ايف آءِ آر داخل ٿي آهي جنهن ۾ نواز شريف ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي، فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم ان ڪيس تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو، ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو هجي ڏسون ٿا، وفاقي وزير چيو ته بغاوت جا ڪيس ٺاهڻ حڪومت جي پاليسي ئي ناهي، پي ٽي آءِ سياسي جماعت آهي سياست جي شطرنج اڃا اسان جي چال باقي آهي، ن ليگ پيادا بچائي، شاهه وزير جي راند اڃا پري آهي تڪڙ ڪهڙي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔