نواز شريف، مريم نواز، خواجه آصف، پرويز رشيد، احسن اقبال سوڌو ن ليگ جي 40 کان وڌيڪ اڳواڻن تي بغاوت جو ڪيس داخل

لاهور/اسلام آباد :اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز، خواجه آصف، پرويز رشيد، احسن اقبال سوڌو نواز ليگ جي 40 کان وڌيڪ اڳواڻن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي شهري بدر رشيد جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ نواز شريف، مريم نواز، راجا ظفر الحق، شاهد خاقان عباسي، اياز صادق، محمد زبير، مريم اورنگزيب کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو. ڪيس ۾ خرم دستگير، اقبال ظفر جهڳڙا، خواجه آصف، احسن اقبال، پرويز رشيد، راڻا ثناءُ الله، مفتاح اسماعيل، عطاءُ الله تارڙ، برجيس طاهر، عظميٰ بخاري، شائسته پرويز، سائره افضل تارڙ، ۽ دانيال عزيز، جنرل (رٽائرڊ عبدالقيوم، سليم ضياءُ، نوابزاده چنگيز مري، مرتضيٰ جاويد عباسي، مهتاب عباسي، جاويد لطيف، عظميٰ بخاري، دانيال عزيز، راجا فاروق حيدر، خواجه سعد رفيق، صلاح الدين ترمذي، شيخ آفتاب احمد، بيگم نجمه حميد، بيگم ذڪيه شاهنواز، طارق رزاق چوڌري، سردار يعقوب نثار، طارق فزاق چوڌري، عبدالقادر بلوچ، منزا فاطمه خواجا، عطاءُ الله تارڙ، چوڌري جعفر اقبال، بيگم عشرت حسين، وحيد عالم ۽ راحيلا دراني کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ بغاوت، مجرماڻي سازش، ماڻهن کي ڀڙڪائڻ، ملڪ خلاف جنگ جي سازش، ملڪي ساک کي ختم ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ، مختلف گروهن وچ ۾ دشمني کي هٿي ڏيڻ سميت سائبر ڪرائيم جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، داخل ڪيل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نواز شريف ٻاهرين ملڪ ۾ ويهي پاڪستاني ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ چڙ ڏريايندڙ تقريرون ڪيون ۽ ڀارت جي پاڪستان دشمن پاليسي جي تائيد ڪئي. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو قانون ڪنهن به سزا آيل جوابدار کي پنهنجي ضمانت جو ناجائز فائدو وٺڻ جي اجازت نٿو ڏي، پاڪستاني قانون اجازت نٿو ڏي ته اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي پاڪستاني عوام کي فوج ۽ حڪومت خلاف ڀڙڪايو وڃي.آيف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مريم نواز ۽ ٻين ليگي اڳواڻن طرفان نواز شرف جي تقرير ٻڌڻ، نواز شريف جي موقف جي تائيد ۽ حمايت به مجرماڻي سازش جي زمري ۾ اچي ٿي. ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مجرم نواز شريف پاڪستان جي اعليٰ عدالتن مان سزا يافته آهي ۽ سندس خلاف بدعنواني جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن علاج لاءِ کيس ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي پر هو اتي علاج ڪرائڻ بدران سوچيل سمجهيل مجرماڻي سازش تحت پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ نفرت ۽ چڙڏياريندڙ تقريرون ڪري رهيو آهي.20 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر تي نواز شريف پنهنجي خطاب ۾ دشمن ملڪ ڀارت جي بيان ڪيل پاليسي جي تائيد ڪئي، نواز شريف نيب قانون تحت سزايافته آهي جيڪو ميڊيا تي ادارن خلاف بغاوت تي ڀڙڪائي رهيو آهي. هوڏانهن مسلم ليگ (ن) اڳواڻن تي غداري جا ڪيس داخل ٿيڻ تي سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اگر جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي جو نالو وٺڻ، ڪشمير جي سودي خلاف ڳالهائڻ، ملڪ خلاف سازشن کي بي نقاب ڪرڻ بغاوت آهي ته اهڙي بغاوت هر روز ٿيندي، حڪومت ۾ همت آهي ته بغاوت ڪيس ۾ نامزد اڳواڻن کي هٿڪڙيون لڳائي، بغاوت جو ڪيس ملڪي تاريخ تي داغ آهي، ليگي اڳواڻن تي غداري جا ڪيس داخل ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي شهباز شريف چيو ته اهڙين حرڪتن سان جهڪائي نٿو سگهجي، ن ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز ليگ اڳواڻن خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان پرچي مطابق هي بغاوت پنڊي سازش ڪيس وانگر وڏي آهي، جيڪي پاڪستان کي هلائيندا هئا اهي سڀ بغاوت جا مرتڪب ٿيا آهن، چئن ڏينهن کان وفاقي وزير اهو راڳ آلاپي رهيا هئا، اگر وفاقي وزيرن ۾ همت آهي ته اهي بدر رشيد جو سهارو نه وٺن، پاڻ سامهون اچن، گهرو مامرن جي وفاقي وزير يا پنجاب جو وڏو وزير پنهنجي نالي سان ڪيس داخل ڪرائي، ن ليگ انهن ڪيسن جو مقابلو ڪندي، هن چيو ته اگر آئين جي بالادستي جو نالو وٺڻ، عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، ڪشمير جي سودي تي ڳالهائڻ بغاوت آهي ته پوءِ اهڙي بغاوت هر روز ڪئي ويندي، اگر پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ، حڪومت کي گهر موڪلڻ، سي پيڪ جي بندش، ملڪ خلاف سازشن کي بي نقاب ڪرڻ غداري آهي ته اهڙي غداري هر روز ڪئي ويندي، جڏهن الزام لڳائڻ لاءِ ڪجهه نه بچندو آهي ته بغاوت جا الزام لڳايا ويندا آهن، اهي هٿڪنڊا نه هلندا، غداري اهو ڪري رهيو آهي جيڪو سي پيڪ کي بند ڪري ڪشمير جو سودو ڪري ٿو، اڄ توهان سياست کي غداري تائين کڻي آيا آهيو، پي ڊي ايم هن حڪومت کان عوام کي نجات ڏياريندي،حڪومت ڪارڪردگي ذريعي ڳالهائيندي آهي، گار گند سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندي آهي، وفاقي وزيرن کي چوان ٿو ته سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻو آهي ته اچو اسان حاضر آهيون، مخالف ڌر جي تحريڪ ته اڃا هاڻي شروع ٿي آهي، پر هنن جيڪو آخري ۾ حربو استعمال ڪيو ويندو آهي اهو شروع ۾ ئي استعمال ڪري ڇڏيو، مسلم ليڀگ (ن) جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو ته غدار اهي آهن جن ملڪي معيشت کي 5.8 سيڪڙو کان منفي گروٿ تي آندو آهي، سي پيڪ جهڙن منصوبن کي پوئتي کڻي ويا آهن، حب الوطني جي راند هاڻي نه هلندي، جيڪو آئين جي خلاف ورزي ڪندو ان جي خلاف جنگ ڪنداسين، پي ڊي ايم جو مقصد ئي پاڪستان ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بحالي آهي، ڇا مهانگائي جي ڳالهه ڪرڻ غداري آهي ته اسان کي فخر آهي هن چيو ته قوم ڄاڻڻ چاهي ته ڪشمير جو سودو ڪنهن قيمت تي ڪيو ويو آهي، حب الوطني ۽ غداري جي راند نه هلندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔