پي ڊي ايم پاران 16 آڪٽوبر کان سڄي ملڪ ۾ جلسن جو شيڊول جاري

اسلام آباد: حڪومت خلاف تحريڪ لاءِ اپوزيشن پارٽين جي اتحاد پي ڊي ايم پاران 16 آڪٽوبر کان سڄي ملڪ ۾ جلسن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته 18 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا ۾ اعلانيل جلسو ملتوي ڪندي ان تاريخ تي ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جي ميزباني پيپلزپارٽي ڪندي. مخالف ڌر جي پارٽين مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سوڌو آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تي غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان عمل کي ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، تفصيل موجب مخالف ڌر جي پارٽين پاران حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ جوڙيل اتحاد پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي ڪنوينر احسن اقبال جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پاران اڳوڻن وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف کانسواءِ فرحت الله بابر، شيري رحمان، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) مان شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، طارق فضل چوڌري، جي يو آءِ (ف) مان مولانا غفور حيدري، پختونخوا ملي عوامي پارٽي مان عثمان خان ڪاڪڙ، بي اين پي مينگل مان ڊاڪٽر جهانزيب جمالديني، نيشنل پارٽي مان مير ڪبير، اي اين پي مان ميان افتخار، جي يو پي نوراني مان شاهه اويس نوراني، پي ٽي ايم مان محسن داوڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي ڪنوينر ڪيل فيصلن جو اعلان ڪندي چيو ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان عوامي رابطا مهم کي اڳتي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي سڀ کان پهريون جلسو 16 آڪٽوبر تي پنجاب جي گجرانوالا شهر ۾ ٿيندو، ان بعد 18 آڪٽوبر تي پي ڊي ايم جو جلسو ڪراچي ۾ ٿيندو، ڪوئيٽا جي جلسي جي تاريخ تبديل ڪري ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم جو جلسو 25 آڪٽوبر تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 22 نومبر تي پشاور ۾ جلسو ٿيندو، 30 نومبر تي ملتان ۽ آخر ۾ 13 ڊسمبر تي سڀ کان وڏو جلسو لاهور ۾ ٿيندو، ان بعد ڌانڌلي سان آيل جعلي حڪومت جي قائم رهڻ جي گنجائش نه هوندي ۽ عوام پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيندو، عوام آئين تي عملدرآمد، عدليه جي آزادي، هارين، مزدورن جي حقن جو تحفظ چاهي ٿي، اجلاس ۾ ن ليگ جي قيادت تي غداري جي ڪيس داخل ٿيڻ خاص طور تي ان ڪيس ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تي به غداري جو ڪيس ٺاهڻ جي مذمت ڪندي ان کي ڪشمير ڪاز کي نقصان ڏيڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ويو آهي، پي ڊي ايم جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان جو مقصد صرف پاڪستان جي عوام کي رليف ڏيڻ آهي، موجوده سليڪٽيڊ حڪومت آهي ۽ اها عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهي آهي، اسان جو عزم آهي ته پاڪستان جي عوام کي رليف ڏينداسين، چاهيون ٿا ته ملڪ آئين مطابق هلي ۽ جيڪا امانت عوام ڏئي ٿو ان ۾ خيانت نه ڪئي وڃي، پي ڊي ايم جي تحريڪ اڳتي وڌندي، عوام جو سيلاب هن تحريڪ سان گڏ هوندو ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت جي هڪ نئين ابتدا ڏسنداسين، پي ڊي ايم جي نئين چونڊيل مرڪزي نائب صدر راجا پرويز اشرف چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ پي ڊي ايم جي مرڪزي اسٽرڪچر کي مڪمل ڪيو ويو آهي، پي ڊي ايم جو بنيادي مقصد پاڪستان جي عوام جي جذبن ۽ سوچ جي ترجماني ڪرڻ آهي، عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، اڄ به عوام جي آواز سان آواز نه ملايو ويو ته اها وڏي سياسي بدديانتي هوندي، جڏهن ته پي ڊي ايم جي نئين مقرر ٿيل اطلاعات سيڪريٽري ميان افتخار چيو ته اسان 2018ع جي چونڊ نتيجن کي نٿا مڃون، چاهيون ٿا ته اسيمبلي کي ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون وڃن، هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ هر پارٽي مان عهديدار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي مولانا غفور حيدري چيو ته مولانا فضل الرحمان کي پي ڊي ايم جي قيادت لاءِ چونڊڻ تي پي ڊي ايم جو شڪريو ادا ڪيان ٿو، اڍائي سالن جو عرصو ڪافي هوندو آهي، پر هي نالائق حڪومت اڍائي سالن ۾ هڪ به پنهنجي دعويٰ تي پوري نه لٿي آهي، زبان ۽ قلم تي پابندي آهي، مير شڪيل الرحمان ضمير جو قيدي آهي، جعلي ۽ سليڪٽيڊ حڪومت سڄي قوم کي اٿي بيهڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔