اوگرا ايل پي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) آڪٽوبر جي لاءِ ايل پي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن اوگرا ايل پي جي جي اگهن ۾ 2.87  روپيه في ڪلو واڌ جي منظوري ڏني هئي. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي سلينڊر جي اگهن ۾ 33.90 روپيه في سلنڊر واڌ ٿي وئي آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب آڪتوبر 2020 جي لاءِ 11.8 ڪلو گرام جي گهريلو سلنڊر جا نوان اگهه 1416.29 روپيه مقرر ٿي ويا آهن.

واضح رهي ته سيپٽمبر 2020 ۾ 11.8 ڪلو گرام جي گهريلو سلنڊر جي قيمت 382.381 روپيه هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔