نوازشريف پنهنجي پارٽي جي اهم اڳواڻن تي به ڀروسو نه ڪندو آهي: اعتزاز احسن

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته نوازشريف ڪنهن تي به ڀروسو نه ڪندو آهي.

رپورٽ موجب پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مون پنهنجي پارٽي کي آگاهه ڪيو آهي ته اهي(ن) ليگ کان بچي  هلن. نوازشريف فيصلو ڪرڻ وقت پارٽي اڳواڻن سميت ڪنهن تي به ڀروسو نٿو ڪري.

هن چيو ته(ن) ليگ جا ڪيترائي اڳواڻ به نوازشريف تي ڀروسو نه ڪندا آهن. مان به پنهنجي پارٽي کي چوندس ته نوازشريف سان گڏ هلڻ مشڪل آهي.

نوازشريف جي بداعتمادي جي هڪ تاريخ آهي.  ملڪ بدري هجي يا شهباز شريف کي وزيراعظم بنائڻو هجي، نوازشريف ڪنهن تي به اعتبار نٿو ڪري سگهي.

اعتزاز احسن چيو ته ميان صاحب مشرف سان ڊيل ڪري سعودي عرب هليو ويو هو جڏهن ته سندس پارٽي جا وڏا اڳواڻ چوڌري نثار، شاهد خاقان عباسي، مشاهد حسين ۽ خواجه آصف جيلن ۾ قيد هئا. نوازشريف ان وقت به ڪنهن سان به مشورو نه ڪيو هو.

پ پ اڳواڻ چيو ته ميان صاحب پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان به صلاح مشورو نه ڪندو آهي. هن چيو ته شهباز شريف جي بجاءِ شاهد خاقان عباسي کي وزيراعظم بنايو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔