ائٽمي اسٽريٽجڪ صلاحيت مڪمل طور تي محفوظ آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تحت پاڪستان جي ائٽمي ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيت مڪمل طور محفوظ آهي .

هن اها ڳالهه سيٽلائيٽ گرائونڊ اسٽيشن اسپارڪو اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي چئي. کيس ان موقعي تي پراسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي ۾ اسپارڪو جي صلاحيتن بابت آگاهه ڪيو ويو.

وزيراعظم عمران خان کي قومي سلامتي ، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اسپارڪو جي ڪردار تي به بريفنگ ڏني وئي .

ان ڏس ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان ٽيڪنيڪي سهولتن جو جائزه ورتو ،هن ان موقعي تي انجينئرز ۽ سائنس دانن سان ڳالهه ٻوله به ڪئي .

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته اسٽريٽجڪ صلاحيتن کي تقويت ڏيڻ ۾ سڀئي موجود وسيلا ڪتب آندا ويندا

هن چيو ته مضبوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم تحت پاڪستان جي ائٽمي ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيت مڪمل طور محفوظ آهي .

وزيراعظم عمران خان چيو ته اهم قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اسٽريٽجڪ صلاحيت کي مستحڪم بڻائيندا رهنداسين

پڌرائي موجب نيشنل اسپيس پروگرام 2047 ملڪ جي معاشرتي ۽ اقتصادي ترقي کي تقويت ڏيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔