مني لانڊرنگ ڪيس: ايف آءِ اي جهانگيرترين کي ٻيهر طلب ڪري ورتو

اسلام آباڊ: ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگيرترين کي اڄ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب ايف آءِ اي 100 کان وڌيڪ سوال تيار ڪري ورتا آهن جن جا جواب ترين فيملي کي ڏيڻا آهن.

ياد رهي ته ان کان اڳ گڏيل جاچ ٽيم جهانگيرترين ۽ سندس پٽ علي ترين کي شوگرڪميشن جي الزامن جي جاچ لاءِ به طلب ڪيو هو پر هو جي آءِ ٽي وٽ پيش نه ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔