نيب مخدوم امين فهيم جي پٽ مخدوم جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي: نيب پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي پٽ مخدوم جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن موجب نيب پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم فهيم جي پٽ مخدوم جليل الزمان کي ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي جي ويجهو ان جي گهر مان گرفتار ڪري ورتو آهي.

مخدوم جليل الزمان عرف مخدوم حبيب الله تعلقه هالا جو اڳوڻو ناظم رهي چڪو آهي. ان تي اڳوڻي اڪائونٽ آفيسر مشتاق شيخ سان ملي ڪرپشن جو الزام آهي.

ذريعن موجب مخدوم حبيب الله کي نيب آگسٽ ۾ طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو هو پر هو نوٽيس جي باوجود پيش نه ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔