بابري مسجد شهيد ڪندڙن کي آزادي ملڻ شرم جوڳو فيصلو آهي: پاڪستان

اسلام آباد: پاڪستان بابري مسجد شهيد ڪندڙ جوابدارن جي آزادي جي سخت مذمت ڪندي ڀارتي عدالت جي فيصلي کي شرم جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري بابري مسجد شهيد ڪندڙ جوابدارن جي آزادي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي عدالت جي فيصلي سان ڀارت سميت سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ٿي. مسجد شهيد ڪرڻ جي نتيجي ۾ بي جي پي جي قيادت هيٺ فرقيواراڻو تشدد ٿيو. تشدد جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو فوت ٿيا.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته نالي ماتر جمهوريت۾ انصاف جي علامت هجي ته سر عام مجرماڻي فعل تي فخر ڪندڙن کي آزاد نه ڪيو ويندو هو.  بي جي پي جي هندو نواز حڪومت اقليتن کي پهرين ڏينهن کان نشانو بڻائي رهي آهي. بي جي پي پلاننگ جي تحت هندو عام راءِ کي ڀڙڪائڻ لاءِ رٿ ياترا ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔