فردوس شميم نقوي پنهنجي قيادت تي تنقيد ڪري اپوزيشن ليڊر جو عهدو وڃائي ويٺو

ڪراچي : پي ٽي آءِ جي قيادت طرفان استعيفيٰ طلب ڪرڻ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ گئس بحران تي پنهنجي ئي حڪومت تي تنقيد ڪئي هئي ۽ گڏوگڏ هن وزيراعظم کي به تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

پوءِ فردوس شميم نقوي پنهنجي بيان تي معذرت ڪئي هئي پر پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت کان استعيفيٰ گهري ورتي.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فردوس شميم نقوي پنهنجي استعيفيٰ ان ئي ڏينهن معذرت ڪرڻ کانپوءِ ڏئي ڇڏي هئي پر ان حوالي سان اڃا وزيراعظم ڪو فيصلو ناهي ڪيو.

عمران اسماعيل موجب فردوس شميم نقوي اخلاقي بنياد تي پنهنجي استعيفيٰ مون کي پيش ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔