ايڊمرل محمد امجد خان نيازي نئون نيول چيف مقرر

اسلام آباد : ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي نئون نيول چيف مقرر ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم آفيس جي ذريعن موجب محمد امجد خان نيازي کي وائس ايڊمرل کان ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي.

ظفر محمود عباسي جي جاءِ تي ايڊمرل محمد امجد خان نيازي نيول چيف جو عهدو سنڀاليندو.

ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي پاڪستان نيول اڪيڊمي مان اعزازي تلوار حاصل آهي ۽ ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران هن ان پاڪستاني فليٽ جي ڪمانڊ ڪئي هئي، جنهن پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ ڀارتي آبدوز جو پتو لڳايو هو.

ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جي ڪمان هيٺ پاڪستاني فليٽ ڀارتي آبديز کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو.

هوڏانهن موجوده نيول چيف ظفر محمود عباسي جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) جو الوداعي دورو ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب جي ايڇ ڪيو ۾ ظفر محمود عباسي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف پاڪ نيوي ۾ ڊگهي عرصي تائين خدمتون انجام ڏيڻ تي ظفر محمود عباسي جا ٿورا مڃيا.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ايڊمرل ظفر محمود عباسي جي جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي کيس گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔