ڀارت ايمنسٽي انٽرنيشنل کي ايترو مجبور ڪيو جو کين آفيس بند ڪرڻي پئي : شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالين جو المناڪ قصو پردي پٺيان رکڻ چاهي ٿو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هندوستان ۾ اقليتن سان، خاص ڪري مسلمانن سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي ان تي بي حد ڳڻتي آهي، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جهڙي طرح انساني حقن جون پاماليون جاري رکيون آهن، هڪ المناڪ داستان آهي جنهن کي ڀارت پردي پٺيان رکڻ چاهي ٿو.

پرڏيهي وزير چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل جڏهن ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي منظر عام تي آڻڻ چاهيو ته هنن کي ايترو مجبور ڪيو ويو جو کيس ڀارت ۾ پنهنجي آفيس بند ڪرڻي پئي، هنن جا اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا، هنن جو ڏوهه رڳو ايترو هو ته هنن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فورسز جي ظلم کي بي نقاب ڪيو. دهلي ۾ ٿيل تازن فسادن ۾ پوليس جي ڳٺ جوڙ ۽ پشت پناهي جو پردو کنيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔