پٺتي تي پيل علائقن کي ترجيح ڏيڻ حڪومت جي ترجيح آهي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي جنهن علائقي سڄي ملڪ کي گيس ڏني اُهو پاڻ پٿر جي دور ۾ آهي، پٺتي تي پيل علائقن کي ترجيح ڏيڻ حڪومت جي ترجيح آهي.

اسلام آباد ۾ يونيورسل فنڊ طرفان ڪنٽريڪٽ ايوارڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان جي حڪومت پوئتي پيل طبقن ۽ علائقن جي ترقي لاءِ بندوبست ڪري رهي آهي، ان معاهدي سان تيز رفتار انٽرنيٽ سروسز سان سنڌ جا گهوٽڪي ۽ سکر جهڙا ۽ بلوچستان جا پٺتي پيل علائقا جتي غربت گهڻي ۽ رقبو وسيع آهي، اُهي فائدو حاصل ڪري سگهندا.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته بلوچستان کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، جديد ٽيڪنالاجي ففٿ انڊسٽريل ريوولوشن ۾ انتهائي اهميت جي ٻڌل آهي ۽ اسان پنهنجي نوجوانن کي علم ۽ هنر سان ليس ڪرڻ لاءِ ڏورانهن علائقن ۾ آن لائن تعليمي نظام متعارف ڪرائي سگهون ٿا.

سندس چوڻ هو ته ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو مستقبل آهي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي تي ڪنٽريڪٽ ڏئي اسان پنهنجي برآمدات ۾ واڌ ڪري سگهون ٿا، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن لاءِ موقعا پيدا ڪري سگهي ٿو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي رڳو 25-26 ارب ڊالر جي برآمدات ڪجهه به ناهي، 1960 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٻين لاءِ ترقي ۾ رول ماڊل هو، ڊيجيٽل پاڪستان ملڪ جو مستقبل آهي، اسان کي اڃان گهڻو ئي ڪم ڪرڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔