تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عرب فٽبال ڪلب جو اسرائيلي فٽبالر سان معاهدو

دبئي: دبئي جي النصر فٽبال ڪلب پهريون ڀيرو هڪ اسرائيلي فٽبالر سان 2 سالن جو معاهدو ڪري ورتو آهي.واضح رهي ته النصر فٽبال ڪلب ڪنهن به اسرائيلي فٽبالر سان معاهدو ڪندڙ عرب دنيا جو پهريون فٽبال ڪلب آهي.خبرون ڏيندڙ اداري موجب 27 ساله اسرائيلي عرب ضياءَ محمد سبع ان کان اڳ هڪ چيني ڪلب سان لاڳاپيل هو ۽ چيني ڪلب سان النصر ۾ تبادلي تي 29 لک ڊالر کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته متحده عرب امارات ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تازو ئي لاڳاپا قائم ٿيا آهن جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاملن تي رابطن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔