نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو

لاهور: نيوزيلينڊ پاڪستان سان سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڊسمبر ۽ جنوري ۾ نيوزيلينڊ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيست ميچ کيڏندي جن مان ٽي ٽوئنٽي ميچ 18، 20 ۽ 22 ڊسمبر تي آڪلينڊ، هملٽن ۽ نيپئر ۾ کيڏيا ويندا.جڏهن ته پهريون ٽيسٽ 26 ڊسمبر تي تاورنگا ۾ کيڏيو ويندو. پاڪ نيوزيلينڊ سيريز جو ٻيون ميچ ڪرائسٽ چرچ ۾ 3 جنوري کان شروع ٿيندو.ٽي ٽوئنٽي ميچ پاڪستاني وقت موجب ڏينهن جو 12 وڳي شروع ٿيندا. جڏهن ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ ميچ پاڪستاني وقت موجب صبح جو 4 وڳي شروع ٿيندا.قومي ڪرڪيٽ ٽيم سيريز لاءِ 23 نومبر تي نيوزيلينڊ رواني ٿيندي ۽ نيوزيلينڊ پهچڻ کان پوءِ 3 ڏينهن ٽيم مڪمل آئسوليشن ۾ رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔