شهباز شريف جي گرفتاري يا ضمانت، فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتاري يا عبوري ضمانت ۾ واڌ جو فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار احمد نعيم جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ شهباز شريف جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف عبوري ضمانت ۾ واڌ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پهچي ويو آهي.

گذريل ٻڌڻي تي شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ سومر تائين واڌ ڪئي وئي هئي. قومي احتساب بيورو(نيب) لاهور طرفان شهباز شريف جي  ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. نيب موجب شهباز شريف ڪيترائي بي نامي اڪائونٽس سان اربين روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔