وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي پشاور روانو ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي خيبرپختونخواهه صوبي جي گادي واري شهر پشاور روانو ٿيندو. وزيراعظم سان گورنر، وڏو وزير ۽ صوبائي ڪابينه جا ميمبر ملاقاتون ڪندا.

ذريعن موجب وزيراعظم ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو ڪندو. جڏهن سندس ته مهمند ۽ باجوڙ ضلعي جي دوري جو به امڪان آهي. وزيراعظم ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪندو. جڏهن ته قبائلي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پشاور ۾ به اجلاس ٿيندو جنهن ۾ مختلف کاتن جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني ويندي.

عمران خان کي بي آر ٽي ۽ قبائلي معاملن بابت بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم روڊ جي تعمير ۽ بجلي گرڊ اسٽيشن جو افتتاح ڪندو. 

ياد رهي ته گذريل مهيني وزيراعظم عمران خان لاهور جو دورو ڪيو هو. وزيراعظم گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي  اجلاس جي صدارت ڪئي هئي.

وزيراعظم جي دوري دوران گورنر هائوس لاهور ۾ وزيراعظم سان پنجاب جي وڏي وزير ۽ گورنر به ملاقاتون ڪيون هيون ۽ کيس صوبي جي انتظامي ۽ سياسي معاملن تي بريف ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔