دپيڪا پڊوڪون مئنيجر کان منشيات گهرائڻ جو اعتراف ڪري ورتو

نئين دهلي : بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊڪون نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي) جي پڇا ڳاڇا دوران مئنيجر ڪرشما پرڪاش سان منشيات بابت ڪيل واٽس ايپ چيٽ جو اعتراف ڪري ورتو.
سوشل ميڊيا تي بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارا دپيڪا پڊڪون جي مبينا طور منشيات گهرڻ جي واٽس ايپ چيٽ وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ مبينا طور دپيڪا پڊڪون منشيات گهرائي آهي.
اهڙي چيٽ سامهون اچڻ کانپوءِ اين سي بي منشيات جي معاملي تي جاچ لاءِ بالي ووڊ اداڪارائن دپيڪا پڊڪون، شرڌا ڪپور، سارا علي خان ۽ راڪول پريت سنگهه کي سمن جاري ڪيا هئا.
دپيڪا پڊڪون سمن جاري ٿيڻ تي ممبئي پهچي اڄ اين سي بي ٽيم سامهون پيش ٿي.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا کان جاچ اداري تقريبن 6 ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ان دوران هن مئنيجر ڪرشما سان ڪيل چيٽ جو اعتراف ڪيو.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته دپيڪا ۽ سندس مئنيجر جي جوابن مان جاچ ٽيم مطمئن ناهي.
گذريل ڏينهن دپيڪا ۽ سندس مڙس رنوير سنگهه 12 رڪني قانوني ٽيم سان پڻ ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ان معاملي تي مشاورت ڪئي وئي.
دپيڪا ۽ سندس مئنيجر جي چيٽس ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي واٽس ايپ کان رڪارڊ ناهي ورتو ويو پر دپيڪا جي 2017 تائين جي چيٽ سشانت سنگهه راجپوت جي اڳوڻي مئنيجر جيا ساها کان حاصل ڪئي وئي ۽ اطلاعن موجب جيا ان چيٽس جو بيڪ اپ ٺاهيو هو.
واضح رهي ته سشانت سنگهه راجپوت ڪيس ۾ منشيات جي معاملي تي هيل تائين ريا چڪرورتي سميت 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ بالي ووڊ ۾ به جاچ جو دائرو وڌي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔