نون ۽ شين ليگ مان طوطا ليگ نه نڪري اچي: شيخ رشيد

لاهور: وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نون ۽ شين ليگ مان طوطا ليگ نه نڪري اچي،شين ليگ بهتري جو رستو اختيار ڪرڻ گهري ٿي،نيب تي پٿراءَ جي سياست لنڊن مان ٿي،ڪنهن به اداري جو ترجمان ناهيان،مان هدايتون وٺڻ نه ويندو آهيان، پر مشورا ڏيندو آهيان. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته نوازشريف لاءِ 10 سوال ڇڏي وڃي رهيو آهيان. هن چيو ته نوازشريف ٻڌائي ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه تي حملي لاءِ لاهور مان بسون ڪنهن موڪليون هيون. وفاقي وزير چيو ته پ پ سنڌ مان استعيفائون نه ڏيندي، ن ليگ جا به ڪيترائي ماڻهو استعيفائون نه ڏيندا، جيڪي ڏيندا،اتي ٻيهر چونڊون ڪرائينداسين. شيخ رشيد چيو ته نوازشريف ٻڌائي ته ملڪ کان ٻاهر وڃي ڪري مودي کي ڪال ڇو ڪندو هو ۽ هن ڪيتريون ڪالز ڪيون؟ هن چيو ته نوازشريف ٻڌائي ته اساما بن لادن سان هن ڪيتريون ملاقاتون ڪيون؟ نوازشريف ٻڌائي ته اجمل قصاب جي گهر جي ايڊريس رائٽرز کي ڪنهن ڏني؟….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔