وفاق ناڪاميون لڪائڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي بار اڇلائي ڇڏيندو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي : وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق پنهنجيون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي بار اڇلائي ڇڏيندو آهي، افسوس ته بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو ذميوار به سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو پيو وڃي. منهوڙَي ۾ بيچ روڊ جي افتتاحي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور منصوبي تي گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي، هاڻي اهو منصوبو وفاق کي منتقل ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته منهوڙو بيچ روڊ کان پوءِ ٻيا منصوبا به جاري آهن، انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته سڀني منصوبن ۾مقامي ماڻهن کي اوليت جي بنياد تي روزگار ڏنو وڃي، ترقياتي ڪمن ذريعي ڪياماڙي کي مثالي ضلعو بڻايو ويندو. هن چيو ته گل بائي کان وائي جنڪشن تائين پڻ روڊ جي تعمير جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي، ڊويلپمينٽ ڪميٽي جي گڏجاڻي سومر تي ٿيندي، ان ۾ به ڪراچي لاءِ ڪيترائي منصوبا رکيل آهن. وڏي وزير چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته وفاق پنهنجيون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ سمورو بار سنڌ سرڪار تي اڇلائي ٿو. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه جي آهي ته وفاقي سرڪار بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ جو ذميوار به سنڌ کي قرار ڏيئي رهيو آهي. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منهوڙو بيچ روڊ جو افتتاح ڪيو ۽ نئين تعمير ٿيل روڊ سميت بيچ تي سياحن لاءِ ٺهيل شيڊ جو معائنو ڪيو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔