ايم ڪيو ايم کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي 🙂 پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا ته نئون صوبو ٺهندو ته پوءِ ڪم ڪنداسين، اهي صوبو ڪيئن ٺاهيندا، نئون صوبو آئيني معاملو آهي. احتساب عدالت ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن کي به عوام جو خيال ئي ناهي، هر ڪو پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۾ رڌل آهي. هن چيو ته برساتن کان پوءِ هر ڪنهن جو ڌيان ڪراچي ڏانهن هو پر اي پي سي کان پوءِ ڪراچي جي مسئلن تان ڌيان هٽي ويو، هاڻي برساتون ٿينديون ته پوءِ سڀني کي ڪراچي جا مسئلا ياد اچي ويندا. پي ايس پي سربراهه چيو ته ايم ڪيو ايم کي عوام رد ڪري چڪي آهي، ايم ڪيو ايم وارا چون ٿا ته هو نئون صوبو ٺاهيندا، پر اها کين خبر ئي ناهي ته نئون صوبو آئيني معاملو آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته حيدرآباد ۾ 20 ڏينهن کان بجلي ناهي، برسات کان پوءِ اڄ تائين سندس گهر ۾ گئس ناهي، پر عوام جي ڪنهن کي پرواهه ئي ناهي. هن چيو ته ڪراچي پيڪيج فقط ڪاغذن تي آهي، برساتن کان پوءِ ڪراچي جي مسئلن تي ڊراما شروع ٿي ويندا. ان کان اڳ احتساب عدالت ۾ پلاٽ جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي تي، جنهن ۾ مصطفيٰ ڪمال، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو اڳوڻو ڊي جي پيش ٿيا. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن ملڪيتون غيرقانوني نموني الاٽ ڪري سرڪار کي اڍائي بلين رپين جو نقصان ڏنو. عدالت روپوش جوابدار زين ملڪ جي پيش نه ٿيڻ هڪ دفعو ٻيهر سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪندي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ٻڌڻي جي تاريخ 9 آڪٽوبر مقرر ڪري ڇڏي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔