يوڪرائين ۾ فوجي جهاز ڪِري تباهه، 25 ڄڻا اجل جو شڪار

يوڪرائين : يوڪرائين ۾ فوجي جهاز ڪِري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب فوجي جهاز لينڊنگ دوران ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا فوت ۽ 2 سخت زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز لينڊنگ دوران تباهه ٿيو آهي، جنهن ۾ ايئر فورس يونيورسٽي جي ڪيڊٽس سميت 27 ماڻهو سوار هئا، حادثي کانپوءِ جهاز ۾ باهه لڳي وئي، جنهن کي ريسڪيو آپريشن دوران وِسايو ويو. ڊپٽي گهرو وزير موجب هي حادثو هڪ صدمو آهي، واقعي جي جاچ جاري آهي، حادثي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن………….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔