ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا 566 نوان ڪيس ظاهر،انگ 3 لک 9 هزار581 ٿي ويو

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا 566 نوان ڪيس ظاهر، مريضن جو انگ وڌي 3 لک 9 هزار 581 تي پهچي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 7 مريضن به دم ڏئي ڇڏيو،جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 6 هزار 451 ٿي ويو. گذريل ڏينهن 40 هزار 167 ٽيسٽ ڪيون ويون،رپورٽ مطابق ملڪ ۾ فعال ڪيسز جو انگ 7 هزار 7 سئو 97 ٿي ويو . اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ 33لک 84 هزار 186 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جڏهن ته متاثرن 2 لک 95 هزار 333 صحتياب ٿي ويا. اين سي او سي مطابق سنڌ ۾ هڪ لک 35 هزار 488، پنجاب ۾ 98 هزار 941 ۽ ڪي پي ۾ 37 هزار 588 ڪيسز ٿي ويا. رپورٽس مطابق بلوچستان ۾ 14 هزار 932، اسلام آباد ۾ 16 هزار 367، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 635 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 630ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔