جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ نوابزاده نصر الله خان جي وڇوڙي کي 17 سال وهامي ويا

ڪراچي : مارشل لا دور هجي يا جمهوري حڪومتن جا غير جمهوري قدم، ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ نوابزاده نصر الله خان جي وڇوڙي کي 17 سال وهامي ويا، نوابزاده نصر الله خان 1930 جي ڏهاڪي ۾ مجلس احرار کان پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ايوب خان جي صدارتي چونڊن ۾ مادرِ ملت فاطمه جناح جو به ڀرپور ساٿ ڏنو، پي ٽي آءِ ايم پي اي نوابزاده منصور احمد خان پنهنجي والد جي ورسي جي موقعي تي چيو آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس هجي يا جمهوري اتحاد جو قيام، ملڪ ۾ ڪابه سياسي سرگرمي نوابزاده نصر الله خان کانسواءِ ممڪن نه هئي، آمريت ۾ به جمهوريت پسندن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جو کيس ڏانءُ هوندو هو، نوابزاده نصر الله خان 26 سيپٽمبر 2003ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔